سپريم ڪورٽ انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور ڪندي نيب ترميمون بحال ڪري ڇڏيون

سپريم ڪورٽ انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور ڪندي نيب ترميمون بحال ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي نيب ترميمون بحال ڪري ڇڏيون،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ نيب ترميمي ڪيس جو فيصلو اتفاق راءِ سان ٻڌائيندي نيب ۾ ترميمون بحال ڪري ڇڏيون،سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلن تي محفوظ فيصلو ٻڌايو،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نيب ترميمي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ثابت نه ڪري سگهيو ته نيب ترميمون غير آئيني آهن،فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ هر ممڪن قانون سازي کي برقرار رکڻ گهرجي ، نيب ترميمون غير آئيني ثابت نه ڪيو ويو،سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت ۽ جج پارليامينٽ جي گيٽ ڪيپر جو ڪردار ادا نٿا ڪري سگهن، پارليامينٽ ۽ عدليه جو ڪردار آئين ۾ واضح آهي، تفصيلي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته پي ڊي ايم جي پهرين حڪومت 2022 ۾ نيب قانون ۾ ترميم ڪندي چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر جنرل جو مدو پنج سال مان گهٽا؟ي 3 سال ڪرڻ، نيب کي 50 ڪروڙ کان گهٽ وارن ڪيسن ۾ جاچ نه ڪرڻ جو پابند بنايو ويو هو. عمران خان نيب ترميمن کي چيلينج ڪيو هو ۽ تڏهوڪي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الاحسن نيب ترميمون رد ڪندي سيپٽمبر 2023 ۾ انهن کي بنيادي حقن جي خلاف قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته اهي ترميمون ڏوهن کي ختم ڪرن لاءِ ڪيون ويون هيون. ان 3 رڪي بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ٻنهي ججن سان اختلاف ڪندي چيو هو ته قانون سازي پارليمان جو اختيار آهي ۽ ترميمون بنيادي حقن جي خلاف نه آهن. جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ اتفاق راءِ سان سپريم ڪورٽ جي سيپٽمبر واري فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته ان بينچ آئين کي ٻيهر لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ڇو ته هي ترميمون بنيادي آئين ۾ ڏنل حقن جي خلاف نه آهن ۽ نه ئي ڪن ڏوهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هيون. حڪومت سپريم ڪورٽ جي سيپٽمبر 2023 واري بنديال بينچ خلاف اپيل ڪندي ان کي معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جيڪا منظور ڪئي وئي.

Intra Court Appeals Imran Khan vs Nab by sindhyarskr on Scribd

پهنجو تبصرو موڪليو