انوار خلاف عدم اعتماد تحريڪ 1 نومبر تي پيش ڪرڻ جو امڪان

انوار خلاف عدم اعتماد تحريڪ 1 نومبر تي پيش ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق جي خلاف عدم اعتماد تحريڪ پهرين نومبر تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب وزيراعظم آزاد ڪشمير جي خلاف عدم اعتماد تحريڪ اڄ به پيش نه ٿي سگهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عدم اعتماد تحريڪ جو مرحلو پهرين نومبر تائين ملتوي ٿي ويو آهي.ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت سڀاڻي 31 آڪٽوبر تي اهم اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي به شريڪ ٿيندي.اجلاس جي صدارت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو، پيپلز پارٽي تحريڪ عدم اعتماد لاءِ گهربل نمبرن کان وڌيڪ ميمبرن جي دعويٰ ڪئي آهي. انهي حوالي سان مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ عدم اعتماد تحريڪ تي فارموله طئي ڪيو ويو آهي.هوڏانهن چوڌري انوارالحق عدم اعتماد تحريڪ جو مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کان پوءِ تحريڪ عدم اعتماد جمع ڪرائي ويندي. ياد رهي ته آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم جي ڪرسي لاءِ چوڌري ياسين ۽ لطيف اڪبر مضبوط اميدوار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو