انوار خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ لاءِ سڀاڻي اجلاس طلب

انوار خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ لاءِ سڀاڻي اجلاس طلب

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف پيپلز پارٽي جي عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ لاءِ سومر تي آزاد ڪشمير اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽي فيصل راٺوڙ جي وزيراعظم جي اميدواري جي حمايت ۾ 35 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪرڻ جو دعويٰ ڪيو آهي.تحريڪ انصاف ان هائوس تبديلي جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، پي ٽي آءِ جي صدر عبدالقيوم نيازي چيو ته 14 پي ٽي آءِ ووٽن سان حڪومت ٺاهڻ پيپلز پارٽي لاءِ ڪهڙي قسم جي جمهوريت آهي؟ ڄمون ۽ ڪشمير جي پيپلز پارٽي جي ايم ايل اي سردار حسن ابراهيم ووٽنگ ۾ غير جانبدار رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، وزيراعظم انوارالحق عدم اعتماد جي رٿ کي منهن ڏيڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو