ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گولڊ ميڊلسٽ نوجوان انجنيئر اتقا قتل ڪيس جي مک جوابدار جي عدالت مان فرار ٿي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جوابدار ظاهر علي جي فرار جو ڪيس داخل ڪري سنتري اشتياق کي گرفتار ڪيو ويو، هاءِ پروفائيل قتل ڪيس جي جوابدار ظاهر علي کي ايس آءِ يو پاران بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو، سنتري اشتياق ۽ ٻين خلاف داخل ڪرايل ايف آءِ آر موجب سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ گذريل ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار سنتري اشتياق کي ڌڪو ڏئي فرار ٿي ويو گرفتار ڪيل سنتري اشتياق احمد 59 سالن جو پيرسن اهلڪار آهي، ٻن مهينن بعد هو رٽائر ٿيڻ وارو هو










