دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي، چاچي ۽ والد جي قتل ڪيس جو فيصلو 30 مارچ تي ٻڌائڻ جي موقعي تي دادو پوليس پاران سڄي ضلعي ۾ سخت سيڪيورٽي پلان جاري ڪيو ويو آهي۔ايس ايس پي دادو پاران جاري ڪيل پلان موجب ضلعي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهندي ۽ مختلف هنڌن تي سنيپ چيڪنگ ڪئي ويندي۔ 30 مارچ لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن تحت 6 ڊي ايس پي، 33 ايس ايڇ او، 69 اي ايس آءِ، 390 پوليس اهلڪار ۽ 41 ليڊيز پوليس اهلڪار سميت ڪُل 539 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن۔پلان موجب 30 پوليس موبائلز ۽ 20 موٽر سائيڪل دستا به ڊيوٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن۔ دادو شهر ۾ سيشن ڪورٽ ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ سڀني رستن تي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته ميهڙ شهر، ام رباب چانڊيو جي گهر ۽ ميهڙ انڊس هاءِ وي تي عارضي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وينديون۔سيڪيورٽي لاءِ پوليس جي خاص فني ٽيمن سان گڏ جديد آلات سان ليس سرچ ٽيمون پڻ مقرر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 1122 ريسڪيو ۽ فائر برگيڊ عملي کي به الرٽ رکيو ويو آهي۔دادو ۾ سيشن ڪورٽ ڏانهن ايندڙ رستا عارضي طور بلاڪ ڪيا ويندا ۽ صرف لاڳاپيل ماڻهن کي داخلا جي اجازت هوندي۔ ايس ايس پي دادو جي جاري ڪيل هدايتن موجب ان ڏينهن هٿيار کڻي اچڻ تي پابندي هوندي، قلم 144 لاڳو هوندو ۽ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي به پابندي هوندي۔ان کان علاوه ڪنهن به صحافي يا ڪئميرا مين کي ڪورٽ جي حد اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي۔ پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي










