دادو(رپورٽ: عزيزالله خاصخيلي) حڪمرانن کي خبر آھي ته ام رباب جي ٽن گھرڀاتين کي ڪنھن قتل ڪيو، پر ٻڌائن نٿا: دادو پريس ڪلب ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد سيد زين شاھ جون عوامي رابطا مهم جي سلسلي هيٺ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ دادو پريس ڪلب ۾ عوامي رابطا مهم جي سلسلي هيٺ تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي فيصلي متعلق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي نوعيت بابت هڪ وڪيل ڄاڻ رکن ٿا ٻيو ان ڪيس جا تحقيقاتي آفيسر پر اسان حڪمرانن کان پڇڻ چاهيون ٿا ته اوهان سنڌ حڪومت لاءِ هڪ وڏو سوال آهي سرعام ٽي خون ٿين ٿا انهن ۾ اهي ملوث ناهن ته پوءِ ٻيو ڪير آهن اگر ٻيو ڪير ناهي ته پوءِ اهي ئي آهن اهو حڪومت لاءِ سواليه نشان آهي ۽ انصاف جي گُهر آهي، حڪومت تي اهيو لازم آهي جواب ڏئي ته آخر ڪار اهي قتل ڪنهن ڪيا، جج ته فيصلي ڪرڻ لاءِ ڏسندو. زين شاهه چيو ته جج ته فيڪس، دليل ۽ شاهد ڏسندو آهي ٿي سگهي ٿو اهي ڦري ويا هجن يا غلط پيش ڪيا ويا هجن پر حڪمران ٻڌائين ته اهيو ڪنهن ڪيو آهي گهڻن ماڻهن کي خبر هوندي حڪمرانن کي خبر آھي پر هو لڪايو ويٺا آهن ته ڪنهن ڪيو آهي اسان چئون ٿا ته حقيقي قاتلن کي گرفتار ڪري انهن کي ڦاهي ڏني وڃي.










