اليڪشن ڪميشن جو ڪم صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي:اعواڻ

اليڪشن ڪميشن جو ڪم صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي:اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سينيئر قانوندان بابر اعواڻ چيو آهي ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن هڪ ڪم نه ڪري سگهي ته ان وٽ ويهڻ جو ڪو جواز ناهي.بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن جي نئين تڪ بندين جي فيصلي تي ردعمل ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي سان صوبن خلاف سازش ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿيو ته وفاق ٽٽي پوندو.بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن 16 مهينا اڳ سپريم ڪورٽ کي 4 تڪن ۾ تڪ بنديون ڪرڻ جو چيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو