اليڪشن ڪميشن جا 3 سالن کان صوبن ۾ مقرر آفيسر وفاق طلب

اليڪشن ڪميشن جا 3 سالن کان صوبن ۾ مقرر آفيسر وفاق طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي خط لکي صوبن ۾ 3 سالن کان وڌيڪ مقرر آفيسرن کي طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ گروپ، او ايم جي، ايڪس ڪيڊر آفيسرن کي فوري طور تي وفاق کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.خط ۾ اليڪشن ڪميشن پوليس ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس کانسواءِ سمورن ڪيڊر آفيسرن کي واپس گهرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.اليڪشن ڪميشن 3 کان 4 ڏينهن ۾ آفيسرن جي لسٽ فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو