الخدمت اسپتال جو افتتاح ۽ مفت طبي ڪيمپ قائم

الخدمت اسپتال جو افتتاح ۽ مفت طبي ڪيمپ قائم

ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو )الخدمت فائونڊيشن اسپتال جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ 5 ڏينھن جي فري طبعي ڪيمپ لڳائي وئي ان موقعي تي ڪشمور جي ھندو پنچائت اڳواڻ نريش ڪمار درشن لعل ڪيسواڻي فيري ھوم سکر جي چيئرمين وڪيل فرزانه کوسو  چمڙي جي ڊاڪٽر عبدالعزيز ميمڻ اکين جي ڊاڪٽر ظھير عمر شيخ عورتن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر بختاور بلوچ چمڙيءَ جي ماھر ڊاڪٽر بھرام کوسو ڊاڪٽر آصف علي سومرو ۽ ٻين ڊاڪٽرن آيل مريضن جو چيڪ اپ ڪيو ۽ دوائون ڏنيون. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر امان الله بلوچ نريش ڪمار ۽ ٻين چيو ته انسانيت لاءِ درد رکندڙ شخصيت ڊاڪٽر عبدالرزاق کوسو جي ھڪ وڏي جاکوڙ آهي جنهن پنهنجي قيمتي زمين ھڪ فلاحي اداري لاءِ وقف ڪئي ۽ گڏوگڏ ڏينهن رات ھڪ ڪري مختلف سرندي وارن کان ڊونيشن ڪرائي اسپتال جي تعميراتي ڪم پنهنجي نگراني ۾ ڪرايو ۽ ھن اداري کي جوڙڻ ۾ عبدالرزاق کوسو جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي تقريب جي آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا ڊاڪٽر عبدالرزاق کوسو آيل مھمانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪشمور شهر ۾ علاج جي سهولت نه ھئڻ ڪري ھڪ بھترين اسپتال قائم ڪرائڻ لاءِ خواب ھو جيڪو الخدمت فائونڊيشن طرفان خواب جي تڪميل ۾ مدد ڪئي آهي انشاء الله ڪافي ڪم اداري لاءِ ڪرڻا آهن پوري ڪوشش ھوندي ته اڳتي به اداري لاءِ ڪم ڪري سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو