اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ رياست جو بنيادي فرض آهي، پاڪستان جو آئين اقليتن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو.چيف جسٽس آف پاڪستان سان اقليتي وفد ساموئل پيئر جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي.ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته اقليتن کي درپيش چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هر پاڪستاني کي مذهبي آزادي آهي، سپريم ڪورٽ اقليتن جي حقن جي محافظ آهي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ به اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ عيسائي ۽ هندو برادري جي عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ به قدم کنيا آهن.










