افغان پناهگيرن جو مسئلو ڪميشن ٺاهي حل ڪيو وڃي

افغان پناهگيرن جو مسئلو ڪميشن ٺاهي حل ڪيو وڃي

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته افغان پناهگيرن جو مسئلو ٻطرفو آهي ان معاملي تي ڪميشن ٺاهي مسئلو حل ڪيو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته افغانستان افغانين جو آهي. انهن کي اوڏانهن ئي واپس وڃڻو آهي. افغانستان پنهنجي عالمن کان فتويٰ ورتي آهي ته پاڪستان ۾ هٿياربند ڪارروائي کي جهاد قرار نٿو ڏئي سگهجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته افغان پناهگيرن جو مسئلو ٻطرفو آهي. هڪ طرفي فيصلن سان لاڳاپا خراب ٿيندا. تجويز ڏني آهي ته افغان پناهگيرن جي معاملي تي ڪميشن ٺاهي مسئلو حل ڪيو وڃي.جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته امن هميشه انصاف سان ئي ايندو آهي. جتي ناانصافيون ٿين اتي امن قائم نٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو