افغانين پناهگيرن سميت ڌارين جي آبادڪاري کي سنڌ مان نيڪالي ڏيو:اياز

افغانين پناهگيرن سميت ڌارين جي آبادڪاري کي سنڌ مان نيڪالي ڏيو:اياز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي چيو تہ آهي سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران افغانين پناهگيرن سميت ڌارين جي آبادڪاري کي سنڌ مان نيڪالي ڏيو،برساتي ٻوڏ متاثرين جي واهر نہ ٿيڻ، پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سڀاڻي (اڄ) منجھند ھڪ وڳي ڦوھارا چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين لکين ماڻهن جي تاريخي ريلي ۽ جلسي عام ڪيو ويندو، آئون سنڌ جي ماڻهن، ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين، محبت وطن سنڌ دوست ٻين ماڻهن کي ۽ انهن سمورن پارٽين کي سڏ ٿو ڏيان تہ جن کي ٻوڙيل، ماريل سنڌ جي ماڻهن سان ھمدردي آهي جيڪي ان جا ذميدار نہ آھن اھي اچن،سنڌ جا ماڻهو چوندا آهن تہ ھڪڙو سگھارو آواز بلند ٿيڻ گهرجي انهن لاءِ اھو امتحان آهي سگھارو آواز اڄ ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿيندو سنڌ جا سمورا ماڻهو، سول سوسائٽي، قلمڪار، ليکڪ، سوشل ميڊيا تي سٺو موقف رکندڙ ماڻهو گڏ ٿين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي برساتي ٻوڏ جو پاڻي زمينن ۽ ڳوٺن م پاڻي ٻن مهينن کان بيھڻ ڪري زھريلو ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ خطرناڪ بيمارين جنم ورتو آهي وڏي تعداد ۾ معصوم ٻار ۽ ماڻهو مري رهيا آهن، لکين ايڪڙن بيٺل فصل پاڻي هيٺ ھجڻ ڪري تباھ ٿي ويا آهن وقت سر ڪڻڪ جي پوکائي نہ ٿيڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويندي حڪومت ڪوڙا بل ٺاھي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي ھنن کي عوام سان ڪا بہ ھمدردي ۽ دلچسپي ناهي برسات ۽ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل امدادي سامان گدامن ۽ وزيرن، مشيرن، چونڊيل نمائندن جي اوطاقن تي لڪايو ويو آهي ٻاھرين ملڪن مان آيل امدادي سامان متاثرين کي ڏيڻ بدران دڪانن تي کپايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو