ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سروسز جنرل اينڊ ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽرن جون مقرريون ۽ تبديليون ڪيون ويون آهن. جاري نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 19 جو عزيز هڪڙو ڊائريڪٽر انفارميشن کي ڊائريڪٽوريٽ سوشل ميڊيا مقرر ڪيو ويو آهي. تازو ئي ترقي ماڻيندڙ آفيسر گريڊ 19 جي مقرري جي منتظر عبدالماجد خان کي ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميڊيا مقررڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽر انفارميشن فدا حسين بالادي (BPS 19) کي ريجنل ڊائريڪٽوريٽ سکر مقرري جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.










