اسٽيٽ بينڪ جي مخصوص ملازمن کي ڳري پگهار ملڻ لڳي

اسٽيٽ بينڪ جي مخصوص ملازمن کي ڳري پگهار ملڻ لڳي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ اجلاس ۾ نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر ايوان کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ او جي 8 گريڊ جا 16 ملازم آهن ۽ انهن جي وڌ ۾ وڌ پگهار 39 لک 35 هزار رپيا ماهوار ۽ پينشن 11 لک 95 هزار رپيا آهي جڏهن ته 31 ملازم آهن. او جي 7 گريڊ جي انهن جي پگهار 25 لک ۽ پينشن 9 لک 74 هزار آهي.او جي گريڊ 6 جي 60 ملازمن جي پگهار 15 لک ۽ پينشن 8 لک آهي، او جي 4 جي 266 ملازمن جي وڌ ۾ وڌ ماهوار پگهار 5 لک 76 هزار ۽ 6 لک هزار تائين آهي.او جي 3 جي 286 ملازمن جي وڌ ۾ وڌ پگهار 2 لک 91 هزار ۽ پينشن 4 لک 91 هزار تائين آهي، او جي 2 جي 286 ملازمن جي وڌ ۾ وڌ پگهار 1 لک 85 هزار ۽ پينشن 4 لک 29 هزار تائين آهي. او جي ون جي 4 ملازمن جي وڌ ۾ وڌ پگهار 1 لک 11 هزار ۽ پينشن 2 لک 283 هزار رپيا آهي. ڊيم فنڊ جي جمع ۽ ان جي استعمال جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر 26 جولاءِ 2023ع تي ايوان ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، 11 ارب 46 ڪروڙ 69 لک 37 هزار 658 رپيا وصول ڪيا ويا. حڪومتي سيڙپڪاري تي منافعي جي مد ۾ 6 ارب 29 ڪروڙ 59 لک 38 هزار 962 رپيا حاصل ڪيا ويا. نگران ناڻي واري وزير موجب فنڊن جي ماليت 17 ارب 86 ڪروڙ 28 لک 76 هزار 620 رپيا ٿي وئي آهي، اڪائونٽ مان ڪو به فنڊ نه ڪڍيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو