ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪن جي سربراهن کي برانچ لیس بئنڪنگ قاعدن ۽ ضابطن بابت سرڪلر ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد جي ڪنٽرول کي مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اسٽيٽ بئنڪ موجب برانچ ليس بئنڪنگ ۽ ايجنٽن جي سمورن ٽرانزيڪشنز جو رڪارڊ برقرار رکيو وڃي، ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ لاءِ هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر کي اپڊيٽ ڪيو وڃي.اسٽيٽ بئنڪ کي چيو ويو آهي ته ٽرانزيڪشن جي آٽو مانيٽرنگ سسٽم کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010 تحت شڪي ٽرانزيڪشن جو جائزو ورتو وڃي.










