اسٽيل ملز جا سڀ آفيسر برطرف ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي سمورن آفيسرز کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته 40 آفيسر ته پري جي ڳالهه، اسين 5 آفيسرن کي به رهڻ نه ڏينداسين. ٻڌڻي دوران وفاقي وزير اسد عمر، محمد ميان سومرو ۽ نجڪاري کاتي جو سيڪريٽري پيش، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسٽيل ملز بند آهي ته ملازمن کي ڇا جا پئسا ڏيون؟ سي اي او جي گهر جو گهيراءُ آهي ته اها حڪومتي رٽ جي ناڪامي هوندي، چيف جسٽس رٿابندي ۽ نجڪاري کاتي جي سيڪريٽريز کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان کي تڪليف نٿي ٿئي ته ملڪ جو پئسو ڪيڏانهن پيو وڃي؟ توهان اسٽيل ملز هلائڻ جي اهل نه آهيو ته ڪنهن ٻئي کي اچڻ ڏيو، توهان تماشو بڻائي رکيو آهي، اسٽيل ملز سان گڏ ڪراچي شپ يارڊ، هيوي مڪينڪل ۽ پي آءِ اي به بند پيل آهن، عدالت اسٽيل ملز کي هلائڻ لاءِ لکت ۾ جامع پلان طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو