اسٽيبلشمينٽ سان رابطه رکڻ کان سواءِ سياست نٿي ڪري سگهجي

اسٽيبلشمينٽ سان رابطه رکڻ کان سواءِ سياست نٿي ڪري سگهجي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان رابطه رکڻ کان سواءِ هن ملڪ ۾ سياست نٿي ڪري سگهجي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر محمد علي سيف چيو ته پي ٽي آءِ ۾ شايد ڪيترائي ماڻهو هوندا جيڪي مون تي الزام لڳائيندا پر مان جيڪو اندر آهيان اهوئي ٻاهر آهيان، ڪڏهن به لاڳاپا لڪايا نه آهن.هن چيو ته عمران خان سميت سڀني کي خبر آهي ته منهنجا اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا آهن پر مان اسرائيل ۽ ڀارت سان لاڳاپن جي ڳالهه نه ڪري رهيو آهيان.بيرسٽر سيف چيو ته تحريڪ انصاف جا به اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا هئا پر اڄ جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري اختلاف اچي ويو آهي ته انهي جو اهو مطلب نه آهي ته اسان جي انهن سان اڻبڻت ٿي وئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان رابطه رکڻ کان سواءِ هن ملڪ ۾ سياست نٿي ڪري سگهجي ۽ منهنجو خيال آهي ته هن وقت سياسي پارٽيون ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ رابطه هجڻ گهرجن، يقينن اها اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ آهي اسان کي پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو