اسٽور بند ڪرڻ بجاءِ انهن جي ڪارڪردگي بهتر ڪئي وڃي

اسٽور بند ڪرڻ بجاءِ انهن جي ڪارڪردگي بهتر ڪئي وڃي

حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ واري فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ يوٽيلٽي اسٽورن جي ڪارڪردگي بھتر بنائي کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن. يوسي سطح تي يوٽيلٽي اسٽورز جو ڄار وڇايو وڃي. ادارن کي بند ڪرڻ ۽ ملازم بيروزگار ڪرڻ سان ملڪ وڌيڪ بحران جو شڪار ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي ملڪ ۾ موجود يوٽيلٽي اسٽورز تي ھزارين ملازم ڪم ڪن ٿا. انھن کي بيروزگار ڪرڻ جو مطلب ھزارين خاندانن کي بدحال ڪرڻ آھي. يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪرڻ جو مقصد عوام کي کاڌي پيتي جو سامان مارڪيٽ کان سستو ۽ معياري فراھم ڪرڻ ھو. حڪومت ٻڌائي تہ ڇا عوام کي سستي ۽ معياري خوراڪ ملي رھي آھي؟ پنھنجي نااھلي ۽ ناڪامي جي سزا ملازمن ۽ ادارن کي ڇو پئي ڏني وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي تمام گھڻي آھي. ڪو به پڇڻ وارو ناھي. پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي نالي ڪا شئي ناھي. مارڪيٽ ڪميٽيز ڀتا خوري ۾ پوريون آھن. انھيءَ صورتحال ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي وڌيڪ ضرورت آھي، جتي اٽو، چانور، ڪوڪنگ آئل ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان نہ رڳو سستو رکيو وڃي بلڪه معياري رکيو وڃي تہ جيئن عوام کي حقيقي رليف ملي سگھي. باقي ادارن کي بند ڪرڻ جو عوام کي نقصان ٿيندو ۽ ملازم بيروزگار ٿي ويندا. قومي عوامي تحريڪ ملازمن جي برطرفي کي قبول نٿي ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئي ايم ايف جي بيساکين تي معيشت نٿي ھلي سگھي. ڪرپشن جي ڪري ملڪ معيشت بحال نٿي ٿئي. اھا ھڪ المناڪ صورتحال آھي. ان ڪري خودمختيار ۽ آزاد عوام دوست، پورھيت دوست ۽ ھاري دوست معاشي پاليسيون جوڙيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو