اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي، امن امان جي صورتحال بهتر آهي

اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي، امن امان جي صورتحال بهتر آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته هلندڙ سال جنوري کان ڪچي جي علائقي ۾ “نجات مهران آپريشن” تيز ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 32 ڌاڙيل مارجي ويا، 100 کان وڌيڪ گرفتار ٿيا جڏهن ته 225 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. ڪچي جي علائقي کي ڌاڙيلن کان مڪمل پاڪ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ماڻهو پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ بنا ڪنهن خوف جي ڪچي ۾ سفر ڪري سگهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) ۾ صنعتڪارن سان خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ ڪاٽي جي صدر محمد اڪرام راجپوت، ڊپٽي پيٽرن ان چيف زبير ڇايا، سينئر نائب صدر زاهد حميد، نائب صدر محمد طلحه علي، قائمه ڪميٽي جي چيئرمين دانش خان، سي اي او ڪائيٽ لميٽڊ زاهد سعيد، اڳوڻن صدرن ۽ چيئرمينن فرحان الرحمان، جنيد نقي، سليم الزمان، فرخ مظهر، احتشام الدين، مسعود نقي، طارق ملڪ، يو بي جي سنڌ جي چيئرمين خالد تواب، حنيف گوهر، ٽينرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين دانش امان، اسرار احمد، ڊي آئي جي ٽريفڪ پير محمد شاهه، ڊي آئي جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ، ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين جانوري، ايس ايس پي انويسٽيگيشن قيص خان، ايس ايس پي علي رضا سميت ٻين ميمبرن، صنعتڪارن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو وڌيڪ چيو ته انگن اکرن موجب گذريل سال مارچ جي مقابلي ۾ هلندڙ سال مارچ ۾ موٽرسائيڪل کسڻ جي واقعن ۾ 54 سيڪڙو، گاڏيون کسڻ ۾ 48 سيڪڙو ۽ موبائل فون کسڻ جي واقعن ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ سال دوران 16 هزار 500 موبائل فون کسڻ جا واقعا ٿيا، پر جيڪڏهن ٻين ترقي يافته شهرن سان مقابلو ڪيو وڃي ته لنڊن ۾ 84 هزار واقعا ٿين ٿا، ان لحاظ کان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال لنڊن ۽ نيويارڪ جهڙن شهرن کان بهتر آهي. جاويد عالم اوڍو چيو ته گن پوائنٽ تي ڦر دوران قتل جي واقعن ۾ 88 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ڪراچي ۾ ڏوهه گهٽجي رهيا آهن ۽ پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. هن چيو ته مقامي سطح تي سهڪار کان بغير پوليس ڪامياب نٿي ٿي سگهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ڪراچي جا شهري ۽ عوام پوليس سان تعاون ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ جي صورتحال کي بهتر بڻايو پيو وڃي، سيف سٽي پروجيڪٽ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ چهرن جي سڃاڻپ ڪندڙ ڪيمرائن سميت 2 هزار 225 جديد ۽ هائي ٽيڪ ڪيمرائون لڳايون پيون وڃن. رستن تي روڊ سائن لڳائڻ جو ڪم به تيزي سان جاري آهي. ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي ته جيئن قانون جي بالادستي ٿي سگهي. جاويد عالم اوڍو چيو ته ٿاڻن ۾ 100 موبائل گاڏيون مرمت ڪرائي فعال ڪيون وينديون. هن چيو ته ڪاٽي جي درخواست تي ڪورنگي صنعتي علائقي جي 4 ٿاڻن کي ترجيحي بنيادن تي موبائل گاڏيون ڏنيون وينديون. ٽاسڪ فورس جي ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي ڪاٽي جي تجويز تي آئي جي آفيس ۾ مهينوار اجلاس منعقد ڪيا ويندا. هن چيو ته منشيات جا عادي ماڻهو هڪ مسئلو آهن جن جي اڪثريت ڏوهن ۾ ملوث هوندي آهي، انهن جي علاج لاءِ ري هيب سينٽرن کي فعال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هن اپيل ڪئي ته هر ايسوسي ايشن ۽ ادارو هڪ ري هيب سينٽر جي ذميواري کڻي ته شهر مان نشي جي عادين کي علاج جي سهولت ملندي، جنهن سان نه صرف اهي سٺا شهري بڻبا پر ڪراچي مان ڏوهن ۾ به خاطر خواه گهٽتائي ايندي. ان کان اڳ ڪاٽي جي صدر محمد اڪرام راجپوت چيو ته سنڌ پوليس دهشتگردي، ڏوهن ۽ بدامني خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. اڄ اسان انهن سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي اسان کي محفوظ بڻايو. ڪراچي کي درپيش چئلينجز تمام پيچيده آهن، پر اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته آئي جي سنڌ جي نگراني ۾ پوليس فورس نه صرف ڏوهن جي خاتمي لاءِ سرگرم آهي پر صنعتڪار برادري جي مسئلن جي حل لاءِ به سنجيده قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته آئي جي سنڌ جي قيادت ۾ انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کنيا ويندا، ته جيئن ڪاروباري سرگرميون بنا ڪنهن خوف جي جاري رهي سگهن. اسان سيف سٽي پروجيڪٽ جي جلد تڪميل کي به تمام اهم سمجهون ٿا. صدر ڪاٽي چيو ته جاچ (انويسٽيگيشن) ۾ بهتري وقت جي اهم ضرورت آهي. ڊپٽي پيٽرن ان چيف زبير ڇايا چيو ته ڪورنگي صنعتي علائقي جي 6 وڏن ايڪسپورٽرز جي ڪل برآمدات 1.5 ارب ڊالر آهي جيڪا پاڪستان جي مجموعي برآمدات جو 5 سيڪڙو آهي، اهڙي طرح ڪورنگي صنعتي علائقي جي مجموعي برآمدات ملڪ برآمدات جو 9 سيڪڙو آهي. انهن ادارن جي مالڪن کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ڪاٽي پاران ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي جنهن ۾ اعليٰ عهدن تي فائز معتبر آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو جن جي اڻٿڪ محنت سان بليڪ ميلنگ ملوث عنصرن کي بي نقاب ڪيو ۽ قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي. زبير ڇايا چيو ته شهر ۾ ڏوهن جي صورتحال ڪافي بهتر آهي. ڪائيٽ لميٽڊ جي سي اي او زاهد سعيد چيو ته ڪراچي مان 10 لک کان وڌيڪ غير مقامي ماڻهن کي واپس موڪلڻ هڪ وڏو چئلينج هو جنهن کي پاڪ فوج بهتر نموني انجام ڏنو. قائمه ڪميٽي جي چيئرمين دانش خان چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جنهن لاءِ سنڌ پوليس تعريف جي لائق آهي. يو بي جي سنڌ جي چيئرمين خالد تواب چيو ته پوليس جي تصوير کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪراچي ۾ تمام گهڻيون سماجي خدمتون آهن، جنهن جي ڪري قائد جي شهر ۾ ڪو به بکيو نه سمهندو آهي. رڪشن ۽ بسن پاران ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي. تقريب جي آخر ۾ سينئر نائب صدر زاهد حميد آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سنڌ پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته پوليس شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو