ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ انتهائي منفي ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 1156 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 64 هزار 48 جي سطح تي اچي ويو.واپار دوران انڊيڪس 64,000 مان 63,948 تي گر ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 65 هزار 204 پوائنٽس تي بند ٿيو. انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي ئي ڊالر جي قدر ۾ هڪ رپيو جي گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 1 پئسا سستو ٿيڻ بعد 283 رپيا 20 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 21 پئسا تي بند ٿيو.










