ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس نئون رڪارڊ بلند ڪري رهيو آهي، ان جي هفتيوار اپڊيٽ پڌرو ڪيو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هن ڪاروباري هفتي ۾ مثبت رجحان رهيو.اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس سڄي هفتي دوران 7 هزار 696 پوائنٽس جي واڌ سان 1 لک 9 هزار 53 تي بند ٿي ويو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 7556 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.شيئر مارڪيٽ جو هفتيوار 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 1 لک 9 هزار 478 جڏهن ته هيٺين سطح 1 لک 1 هزار 921 هئي.اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هن هڪ هفتي دوران 8.41 ارب شيئرز جو واپار ٿيو.شيئر مارڪيٽ جي هفتيوار ڪاروبار جي ماليت 274 ارب رپيا رهي جڏهن ته هن هڪ هفتي دوران مارڪيٽ سرمائيداري 970 ارب رپيا وڌي 13 هزار 855 ارب رپيا ٿي وئي.










