اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ اسان جي ڪوششن کي ساراهيو ويو

اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ اسان جي ڪوششن کي ساراهيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته برسلز ۾ گهرو وزير محسن نقوي ۽ يورپي يونين جي گهرو معاملن جي ڪمشنر جي وچ ۾ پيش رفت قابل ذڪر آهي.هڪ بيان ۾، وزيراعظم چيو ته هو ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ مهاجرن تي اهم پيش رفت تي خوش آهي.شهباز شريف چيو ته برسلز ۽ لنڊن ۾ انساني اسمگلنگ کي روڪڻ جي اسان جي ڪوششن کي ساراهيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ تعميري ملاقاتون ڪيون، ۽ گهرو وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو