اسماعيل ڏاهري جي طبيعت خراب، لاڙڪاڻو اسپتال منتقل

اسماعيل ڏاهري جي طبيعت خراب، لاڙڪاڻو اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير اسماعيل ڏاهري جي طبعيت اوچتو خراب ٿيڻ بعد کيس گذريل رات سينٽر جيل مان لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيل ذريعن موجب اسماعيل ڏاهري کي ساھ جي تڪليف سبب ايمرجنسي بنيادن تي جيل مان اسپتال منتقل ڪيو ويواسپتال ذريعن موجب اسماعيل ڏاهري کي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي اڳوڻي صوبائي وزير اسماعيل ڏاهري جو علاج ڪيو پيو وڃي.اسپتال ذريعن موجب اسماعيل ڏاهري جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس آء سي يو ۾ ايمرجنسي دوران آڪسيجن لڳائي وئي آهي جنهن جي طبيعت هاڻ سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو