ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد 15.5 اوورن م 2 وڪيٽن جي نقصان تان ڪراچي ڪنگز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڊيون ڪانوي وننگ اسٽوڪ تي فور هڻي جتي پنهنجي ففٽ مڪمل ڪئي ساڳئي وقت ميچ به کٽي ورتي، ڪانوي 53 ۽ شاداب 16 بالن تي 31 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پوائنٽ تيبل تي اسلام آباد ٻئي نمبر تي اچي وئي آهي. پشاور کانپوءِ اسلام آباد ايندڙ مرهلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. اسلام آباد جي اوپنرز ۾ 93 رنز جي پارٽنرشپ لڳي جنهن بعد سمير منهاس 10 چوڪن جي مدد سان 36 بالن تي 58 رنز جي اننگ کيڏي معين علي جي بال تي سعد بيگ هٿان اسٽمپ آئوٽ ٿيو. ون ڊائون محمد فائق حسن علي جي بال تي 5 رنز ٺاهن بعد خوشدل هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد شاداب ۽ ڊيون ڪانوي اسڪور اڳٽي وڌايو. 15 هين اوور ۾ شاداب خان جو آسان ڪيچ ڊراپ ڪيو. ان وقت شاداب 12 بالن تي 27 رنز ٺاهي چڪو هو. ڪراچي ڪنگز جي ٽيم 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنز ٺاهي سگهي. بظاهر پچ بيٽنگ لاءِ مشڪل لڳي. اڄ ڪراچي جي اننگ جيسن راءِ ۽ سعد بيگ ڪئي، بيگ 4 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد ريضا هينڊرڪ ۽ جيسن راءِ جي سٺي پارٽنرشپ لڳي پر شاداب اها پرٽنرشپ ٽوڙي ۽ جيسن راءِ کي 39 رنز تي مارڪ چيپمين هٿان ڪيچ ڪرايو، ان بعد سلمان آغا آيو پر هو به 4 رنز ٺاهي شاداب جو ٻيو شڪار بڻيو ۽ متبادل هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد اعظم خان ۽ هينڊرڪ ڪراچي جو اسڪور 14 هين اوور ۾ 100 کان ڪراس ڪرايو. اعظم خان 34 رنز ٺاهي رچرڊ گليسن جي بال تي سمير منهاس جي شاندار ڊائيونگ ڪيچ ڪيو. گليسن جو هي ٽيون شڪار هو. 19هين اوور ۾ فهيم اشرف خوشدل کي مارڪ چيپمين هٿان ڪيچ ڪرايو، سمير منهاس بال پڪڙي ڇڪو بچايو ۽ بال چيپمين ڏانهن اڇاليو جنهن ڪيچ ڪيو. آخري اوور ۾ هينڊرڪ ففٽي مڪمل ڪئي.آخري اوور ۾ معين خان ڇڪو هڻي اڳئين بال تي حسنين جو شڪار ٿيو ۽ چيپمين کيس ڪيچ ڪيو. آخري بال تي عباس آفريدي بال مس ڪيو. ان کان اڳ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي ڪراچي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني آهي. ڪراچي هن وقت تائين 5 ميچ کيڏيا، جن مان 3 کٽيون ۽ پوين ٻن ميچز ۾ لڳاتار هارايو آهي. پوائنٽ ٽيبل تي پنجين نمبر تي آهي. اسلام آباد جا 6 ميچ ٿيا ٻن ۾ هارايو آهي ۽ هڪ ميچ پشاور سان برسات سبب ختم ٿيڻ سان کين هڪ هڪ پوائنٽ مليو هو. هن وقت شاداب خان 3 ميچ کٽيا آهن، 2 هارايا آهن ۽ 7 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي. پي3 ايس ايل جي 8 ٽيمن مان 4 ٽيمون اڳئين مرحلي ۾ وينديون. لاهور 5 ميچ کيڏيا آهن جن مان 3 هارايا آهن ۽ ٽيبل تي 7 نمبر تي آهي.










