لاهور (ويب ڊيسڪ)جڊيشل ٽربيونل اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور اسڪينڊل جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي.جڊيشل ٽربيونل اسڪينڊل جي جاچ ۽ يونيورسٽي جي معاملن جي نگراني لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي.عورت استادن پوليس جي رويي خلاف عدالتي ٽربيونل جي جج کي شڪايت ڪندي چيو ته عدالتي ٽربيونل جو نالو استعمال ڪندي سندن موبائل ڊيٽا چيڪ ڪئي وئي.ان ڏس ۾ عدالتي ٽربيونل ڊي پي او ۽ پوليس کي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جي ڪنهن به معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.










