رفح ۾ حملا، اسرائيل کي آمريڪي هٿيارن جي فراهمي معطل

رفح ۾ حملا، اسرائيل کي آمريڪي هٿيارن جي فراهمي معطل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا اسرائيل کي ڳري هٿيارن جي فراهمي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان حوالي سان اسرائيلي سفير چيو آهي ته هٿيارن جي منتقلي روڪڻ واري آمريڪي فيصلي سان اسرائيل جي صلاحيت تي وڏو اثر پوندو.ٻئي طرف آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته رفح ۾ آپريشن جي صورت ۾ اسرائيل اسان جي حمايت وڃائي ويهندو، گنجان آباد علائقن تي حملي جي صورت ۾ خاص هٿيار فراهم نه ڪندو.آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته آئرن ڊوم دفاعي نظام جي فراهمي بند نه ڪئي ويندي، اسرائيل پنهنجي دفاع کان پوئتي نه هٽندو.

پهنجو تبصرو موڪليو