اسرائيل کي ان جي ڏوهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

اسرائيل کي ان جي ڏوهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف بيروت ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل کي پنهنجي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو.سلامتي ڪائونسل ۾ ليڊرشپ فار پيس تي بحث کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته تڪرارن کي حل نه ڪرڻ سان اسان جو مستقبل اونداهو ٿي سگهي ٿو، ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿيڻ سان خطي جي امن کي خطرو آهي.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته يوڪرين ۾ جنگ پکڙجڻ بند ٿيڻ گهرجي، طاقت جو غير قانوني استعمال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو