غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي ڊرون ۽ جنگي جهازن بي گهر ماڻهن جي گهرن ۽ ڪئمپن تي حملا ڪيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.اسرائيلي فوج نصيرات جي پناهگير ڪئمپ ۾ گڏيل قومن جي هڪ ٻئي اسڪول تي حملو ڪري 17 فلسطيني شهيد ۽ 80 زخمي ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف حماس جنگ بندي ڳالهين تان هٿ کڻڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.حماس جي سياسي آفيس جي ميمبر عزت الشرق چيو آهي ته اسرائيل حملن ۾ اضافو ڪري ثالث جو ڪردار ادا ڪندڙ عرب دوستن ۽ آمريڪا جي جنگبندي جي ڪوششن کي پٽڙي تان لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.هن جو چوڻ آهي ته ان سڀ ڪجهه جي باوجود حماس جنگ بندي لاءِ جاري ڳالهين واري عمل کي هٿي نه ڏني آهي.










