اسرائيلي فٽبال ايسوسيئيشن ڀڃڪڙين جي مرتڪب قرار

اسرائيلي فٽبال ايسوسيئيشن ڀڃڪڙين جي مرتڪب قرار

دبئي (ويب ڊيسڪ) فيفا جي ڊسپلنري ڪميٽي اسرائيل فٽبال ايسوسيئيشن خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي، اسرائيل فٽبال ايسوسيئيشن کي ڪيترن ئي خلاف ورزين جو مجرم قرار ڏنو.فيفا جي ڊسپلنري ڪميٽي پاران ڪارروائي فلسطين فٽبال ايسوسيئيشن جي درخواست تي شروع ڪئي وئي هئي، ۽ اسرائيل فٽبال ايسوسيئيشن کي امتيازي سلوڪ ۽ راند جي ضابطن جي ڀڃڪڙي جو مجرم قرار ڏنو ويو هو.اسرائيل فٽبال ايسوسيئيشن تي 190,000 ڊالر جو جرمانو پڻ لڳايو ويو، ۽ اسرائيل فٽبال ايسوسيئيشن کي سخت وارننگ جاري ڪئي وئي.ڪميٽي هدايت ڪئي ته 3 گهر ميچن ۾ امتياز خلاف نمايان بينر لڳايا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو