اسدالله خان جو الهلال سوسائٽي جو دورو، پاڻي لائينن جو جائزو

اسدالله خان جو الهلال سوسائٽي جو دورو، پاڻي لائينن جو جائزو

ڪراچي(رپورٽر) سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان الهلال سوسائٽي جو دورو ڪري پاڻي جي لائينن ۾ والوز کي تبديل ڪرڻ واري ڪم جو معائنو ڪيو دوري دوران چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم ظفر پليجو سيد اعجاز احمد تنوير شيخ ۽ رضوان احسن سميت ٻيا اعليٰ عملدار ساڻس گڏ هئا ان موقعي تي سي او واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ هو تہ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي خاص هدايتن تي اولڊ سٽي ٽرنڪ مين جي 66 انچ لائين ۾ 60 انچ قطر ۽ ڪاسٽ آئرن سسٽم جي 60 انچ لائين ۾ 60 انچ قطر جي والوز کي تبديل ڪيو پيو وڃي هن چيو وال ڪنٽرول سسٽم سان شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ تمام گهڻي بهتري ايندي ۽ واٽر ڪنٽرولنگ سسٽم وڌيڪ بهتر ٿيندو هن ٻڌايو پراڻا والوز 1954 ۾ لڳايا ويا هئا جيڪي هاڻي تبديل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته وال ڪنٽرولنگ سسٽم سان شهر جي مختلف پاڻي جي لائينن ۾ ليڪيجز کي ختم ڪري سگھبو ڇاڪاڻ تہ ھن کان اڳ ۾ ليڪيجز کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان شٽ ڊائون ڪرڻو پوندو هو ۽ سڄي شهر جي پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻي پوندي هئي پر وال ڪنٽرولنگ سسٽم کانپوءِ شٽ ڊائون ڪرڻ ۽ سڄي شهر جي پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ جي ضرورت نہ پوندي هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ وال ڪنٽرولنگ سسٽم سان گلشن اقبال ٽائون، جمشيد ٽائون، چنيسر ٽائون، لياري ٽائون، ڪياماڙي ٽائون، لياقت آباد ٽائون ۽ ناظم آباد ٽائون ۾ پاڻي جي برابر فراهمي ممڪن ٿي سگهندي واضح رهي تہ الهلال سوسائٽي ۾ پاڻي جي لائينن ۾ والز کي تبديل ڪرڻ جو ڪم واٽر ٽرنڪ مين واٽر ڪارپوريشن پاران ڪيو پيو وڃي جيڪو اڄ رات تائين مڪمل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو