اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير عاصم افتخار ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب عاصم افتخار پرڏيهي وزير، نائب وزيراعظم کي پاڪستان جي مشن جي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.پاڪستان جي مستقل سفير عاصم افتخار گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل سميت گڏيل قومن جي ادارن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن گهڻ طرفي فورمز تي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ترجيحات کي دنيا جي سامهون اجاگر ڪرڻ تي به روشني وڌي.ترجمان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار عالمي امن، سلامتي ۽ معاشي ترقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي گهڻ طرفي ادارن جي اهميت تي به زور ڏنو.










