استادن جي تربيتي ادارن جي انتظامي مضبوطيءَ لاءِ فريم ورڪ جوڙڻ جو فيصلو

استادن جي تربيتي ادارن جي انتظامي مضبوطيءَ لاءِ فريم ورڪ جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ استادن جي تربيت بابت قائم ادارن جي نئين سر جوڙجڪ، انتظامي حڪمت عملي جو طريقيڪار واضح ڪرڻ ۽ استادن جي تربيت کان وٺي ٽيچرز لائسنس کي حاصل ڪرڻ تائين رهنمائيءَ وارو نظام جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن واري سيڪريٽري زاهد علي عباسي، سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ (SSEIP) جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رضوان سومرو، سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي (STEDA) جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر رسول بخش شاهه، ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ ايويليويشن، ڊي جي پروونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرز ايجوڪيشن (PITE)، ايڊيشنل ڊائريڪٽر آف ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽس ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت استادن جي تربيت جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ جامع سڌارا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتريءَ بابت اسان جو مقصد واضح آهي ته استادن جي تعليم، مسلسل ترقي (CPD) ۽ ٽيچنگ لائسنس جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن تدريسي شعبو وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي.” صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اداراجاتي هم آهنگي، نگراني ۽ ڪارڪردگيءَ جي نظام کي بهتر بڻايو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته STEDA، PITE، TTIs، SSEIP ۽ هيومن ريسورس ونگ جي ڪردار ۽ ذميوارين کي واضح ڪيو ويندو ته جيئن غير منظم قدمن جو خاتمو ڪري هڪ مربوط نظام قائم ڪري سگهجي. سيد سردار علي شاهه فريم ورڪ جون تجويزون ڏيندي چيو ته STEDA استادن جي معيار (Standards)، مرڪزي ڊيٽا بيس جي تياري ۽ مسلسل پروفيشنل ڊولپمينٽ (CPD) جي نگراني ڪندو. PITE صرف استادن جي تعليم ۽ عملدرآمد واري فريم ورڪ، بشمول تربيتي ماڊيولز ۽ تشخيصي نظام تي ڌيان ڏيندو. TTIs ضلعن جي سطح تي تربيتي مرڪزن طور فعال ڪيا ويندا، جتي تربيتي ماڊيولز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اهو پڻ غور هيٺ آيو ته هيومن ريسورس ونگ استادن جي معاملن ۽ ڪيريئر جي ترقيءَ جي نظام کي سنڀاليندو. هر استاد جو ڀرتي کان وٺي پروفيشنل سفر جي تمام مرحلن جو مڪمل رڪارڊ محفوظ ڪيو ويندو. مختلف شعبن جي وچ ۾ رابطي ۽ موٽ (Feedback) جي نظام ۾ موجود خامين جي نشاندهي ڪندي هڪ مرڪزي ٽيچر ڊيٽا بيس ۽ ڊيش بورڊ قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ان سان گڏوگڏ واضح ڪي پي آيز (KPIs) تحت نگراني ۽ جائزي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته SSEIP پروگرام تحت هينئر تائين 2,630 سيڪنڊري استادن کي مختلف ڪلسٽرن ۾ تربيت ڏني وئي آهي، جنهن کي هاڻي STEDA ۽ TTIs جي ذريعي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ موجود 46 ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽس جو جامع جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ انهن جي صلاحيت، انفراسٽرڪچر ۽ انتظامي مسئلن جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي جو قيام: STEDA جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي (جنهن ۾ SSEIP، PITE، TTIs، HR ونگ ۽ DGM&E شامل هوندا) ٻن هفتن ۾ جامع ٽيچر ٽريننگ حڪمت عملي تيار ڪندي ۽ 15 ڏينهن اندر تفصيلي روڊ ميپ پيش ڪندي. ان کان علاوه PITE کي حسين آباد انسٽيٽيوٽ سان مفاهمت جي ياداشت (MoU) تي صحيحون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ته جيئن تربيتي سهڪار کي هٿي ملي سگهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته تربيتي شعبي کي هڪ مربوط حڪمت عملي طور ڌار ڪري عملدرآمد جي ذميوارين کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي. انهن قدمن سان سنڌ ۾ استادن جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۾ بهتري ۽ تعليمي معيار جي فروغ ۾ وڏي مدد ملڻ جو امڪان آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو