ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي جو چوڻ آهي ته اسان جي حڪومت پيٽرول جون قيمتون نه وڌايون.ڪينٽ اسٽيشن تي سکر ايڪسپريس جي مرمت ٿيل ڪوچن جي افتتاح جي موقعي تي، سنڌ جي گورنر چيو ته حڪومت پاران ڪيل واعدا پورا ڪيا پيا وڃن. هن ٽرين ۾ 1100 ماڻهن جي گنجائش آهي. اسان پنهنجي وسيلن جي اندر ڪم ڪنداسين.نهال هاشمي چيو ته اسان جي حڪومت پيٽرول جون قيمتون نه وڌايون آهن، پر بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيون آهن. اسان پنهنجي ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. اسان جي قيادت خطي ۾ امن آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل امن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.










