سنڌ کي مذهبي فرقيواريت کان مٿانهون رهڻ جو اعزاز حاصل آهي

سنڌ کي مذهبي فرقيواريت کان مٿانهون رهڻ جو اعزاز حاصل آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ انتظاميا ۽ مذهبي عالمن جي گڏيل اجلاس ۾ محرم الحرام جي مجلسن ۽ جلوسن جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيندي پهرين کان 12 محرم تائين لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ بابت ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي هدايتون جاري ڪيون ويون. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، ضياءَ لنجار، رياض شاهه شيرازي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، واٽر بورڊ جو اسدالله، ڪي اليڪٽرڪ جو حارث صديقي، سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي نمائندن، علماءِ ڪرام علامه سيد رضي نقوي، علامه نثار احمد قلندري، مولانا محمد حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. عالمن کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته سندن صوبي کي مذهبي فرقيواريت کان مٿانهون رهڻ جو اعزاز حاصل آهي جتي ماڻهو امن سان رهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته گڏيل احترام جو اهو عمل وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته سڄي سنڌ ۾ مجلسن ۽ محرم الحرام جي جلوسن کي ضروري سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته چاهيان ٿو ته آءِ جي پوليس شيعا عالمن سان مشاورت بعد سڪيورٽي پلان تيار ڪري. ان موقعي تي مذهبي عالمن چيو ته شهر جا اڪثر روڊ رستا ۽ نالا سٺي حالت ۾ آهن پر گهٽين ۾ نيڪال جو نظام نه هجڻ برابر آهي خاص ڪري جتي مجلسون ٿينديون آهن. ان تي وڏي وزير واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ نيڪال سسٽم کي بهتر ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڪي ايم سي پنهنجي روڊن جي مرمت ڪرائي. هن واٽر بورڊ کي به هدايت ڪئي ته مسجدن ۽ اجتماعن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي. مراد علي شاهه سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي هدايت ڪئي ته هو مجلسن ۽ محرم جي جلوسن جي رستن ۽ گهٽين جي صفائي تي وڌيڪ ڌيان ڏئي. عالم سڳورن پنهنجن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي نشاندهي ڪندي وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ کي پابند ڪيو وڃي ته محرم جي مقدس مهيني خاص ڪري پهرين کان 12 محرم تائين لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته مسجدن ۽ اجتماعن کي بجلي جي بلا تعطل فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير سڄي سنڌ جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو مجلس جي منتظمين سان تعاون ڪن. هن مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هو امام بارگاهن/مسجدن جو دورو ڪري ته جيئن سندن مسئلا حل ٿي سگهن. وڏي وزير پي اينڊ ڊي ۽ توانائي واري وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو سان ڳالهائي ته پهرين کان 12 محرم تائين لوڊشيڊنگ نه ڪن. وڏي وزير جي هدايت تي پي اينڊ ڊي وارو وزير ناصر شاهه پنهنجي آفيس ۾ بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين، انتظاميا ۽ عالمن جو اجلاس طلب ڪندو. هن عالمن کي يقين ڏياريو ته هو ڪنهن به وقت ساڻس رابطو ڪري مدد طلب ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو