ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي لائيواسٽاڪ، فشريز ۽ ھيومن سيٽلمينٽ اٿارٽي بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم جي صدارت ۾ لائيواسٽاڪ کاتي سنڌ بابت اھم ميٽنگ ٿي گذري جنھن ۾ صوبائي صلاحڪار کي کاتي جي ھلندڙ سڀني منصوبن ۽ نئين مالي سال ۾ ايندڙ سڀني ترقياتي رٿائن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي , کاتي جي ھن اھم ميٽنگ ۾ لائيواسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي , ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ ڊاڪٽر حزب الله ڀٽو ۽ کاتي سان لاڳاپيل ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي , ان موقعي تي کاتي جي سڌارن بابت صوبائي صلاحڪار کي ٻڌايو ويو ته اسان لائيو اسٽاڪ کاتي اندر ھڪ گريونسز سيلGRM اسٽارٽ ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ سنڌ جي مالوند ڀائرن جون شڪايتون ۽ گھرجون نوٽ ڪري کين ترت رليف ڏيڻ جھڙا تڪڙا اپاء ورتا ويندا جڏھن ته FMD ويڪسين جو ٽارگيٽ 70 کان 80 سيڪڙو تائين پڄائڻ جي پڻ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي , بريفنگ دوران صوبائي صلاحڪار کي اھا به ڄاڻ ڏني وئي ته ھن سال اسان پرائيويٽ فارمن جي پڻ رجسٽريشن ڪرڻ وڃي رھيا آھيون ۽ ضلعي عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر کي فري FMD ويڪسين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ته جيئن اتي جي مالوندن کي نيچرل کاڌو کائيندڙ جانورن جو کير ۽ گوشت مھيا ٿي سگھي ۽ اھي ٻئي ضلعا جانورن جي بيمارين کان آزاد ٿي وڃن ته اڳتي ھلي اتي ايڪسپورٽ جي ڪاروبار کي به ھٿي ملي سگھي , اھو به ٻڌايو ويو ته اينيمل بريڊنگ ونگ تحت لائيواسٽاڪ کاتي اندر ٽنڊوڄام ۾ ھلندڙ آرٽيفشل انسيمنيشن ٽريننگ سينٽر ۾ اسان ھن ڀيري ٽن سالن جو ڊپلوما جو ڪورس شروع ڪري رھيا آھيون جنھن سان سنڌ جي نوجوانن ۾ بيروزگاري جو خاتمو ايندو ۽ ڪورس ڪمپليٽ ڪندڙ نوجوان پنھنجو روگار ڪري سگھندا سيد نجمي عالم بريفنگ تي اعتماد جو اظھار ڪندي آفيسرن کي ھدايت ڪندي چيو ته اسان جو سڀ سرگرميون سنڌ جي غريب ۽ مسڪين مالوند ماڻھن کي سندن گھر جي در تي سھولتون پھچائڻ لاء ھئڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته اسان جي قيادت خاص ڪري چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون ان لاء خاص ھدايتون ڏنل آھن










