اسلام آباد: (بيورو) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته جنگ مڙهڻ وارن کي مئي وانگر جواب ڏنو ويندو.هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، اسان جنگ مڙهڻ وارن کي مئي وانگر جواب ڏينداسين، مان الله جي حڪم ۽ سندس فرمان مطابق پنهنجا فرض ادا ڪريان ٿو. فيلڊ مارشل چيو ته جڏهن ڪو مسلمان الله تي ڀروسو ڪندو آهي ته الله دشمن تي اڇلايل مٽي کي به ميزائل ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. هن احد جي جنگ بابت ڳالهايو ۽ قرآني آيتن جو حوالو ڏنو.










