اسانجي پراڻي تاريخ آھي،ڌرتي جا اصلوڪا وارث آھيون،سائين رکيو

ٺٽو)رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ(سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي چيو اھي ته اسانجي پراڻي تاريخ آھي، اسان سنڌ ڌرتي جا اصلوڪا وارث آھيون جن خلاف ڪابه  غلط زبان برداشت نه ڪنداسين، ملاھن، مھاڻن خلاف گندگي زبان استعمال ڪندڙن کي گھرجي ته فورن اسانجي برادري جي دل ازاري ڪندڙ معافي وٺن، بئي صورت ۾ ملاح برادري خلاف نازيبا ٻولي ڳالھائي انھن جي دل ڪندڙن خلاف سنڌ ڌرتي جا وارث ملاح، مھاڻا، ميراڻي پنھنجي احتجاج جو حق رکن ٿا، ھن اھي ڳالھيون ڪينجھر ھائوس مڪلي تي سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو جي عيادت ڪرڻ توڙي ملاحن جي گڏ ٿيل ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو، سنڌ ملاح فورم جي ڇيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ھن وقت پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿيل آھي، جنھن ڪري آباديون ته پري جي ڳالھ آھي پر پاڻي پيئڻ لاء به عوام کي نٿو ملي. سنڌو درياء ۾ ڪوٽري ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ھڪ طرف تمر جا ٻيلا ختم ٿيڻ سميت سمنڊ اڳتي وڌي زرخيز زمينون بنجر ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف سنڌو درياء ڪناري آباد ماھيگيرن جو روزگار ختم ٿي وڃڻ ڪري ماھيگير لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن،  ھن چيو ته سنڌ ۾ وڏي آبادي ملاح برادري جي اھي، جن جي روزگار تي قبصن سميت کين ڪابه  بنيادي سھوڪيت ميسر ناھي، کين ٽئين درجي جو شھري به تسليم نٿو ڪيو وڃي، ويتر ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سردار شاھ ملاحن، مھاڻن خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪري انھن جي دل ازاري ڪري رھيو آھي، جنھن ڪري سنڌ جا ملاح، مھاڻا، ميراڻي، ميربحر، پارھيڙي، پاتڻي سميت ملاحن جون سموريون برادريون سراپا احتجاج بڻيل آھن. ھن چيو ته اڱاري ڏينھن سنڌ ملاح فورم ضلعي ٺٽي طرفان ٺٽي شھر ۾ پڻ ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو جي قيادت ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو. ھن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فورن سنڌ مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪري ڪوٽري ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏي، ماھيگيرن جو روزگار بچائي کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري ملاح برادري جي دل آزاري ڪندڙ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ کي وزارت تان ھٽائي ملاح برادري کان معافي وٺي، ٻئي صورت ۾ سندس معافي وٺڻ تائين سنڌ ملاح فورم پاران احتجاجن جو سلسلو جاري رھندو. ان موقعي تي ملاح اڳواڻ پرويز احمد پاتڻي، محمد ايوب ملاح، عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، عبداللہ آدم گندرو، ڪامريڊ غلام قادر ملاح، خدابخش ملاح، بابو گندرو، محمد جمن خالصائي، کمون گندرو، عبدالستار ناھيو، محمد خان سومرو ۽ بيا پڻ موجود ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو