ارشد شريف قتل ڪيس، ڪميشن جوڙڻ تي فيصلو محفوظ

ارشد شريف قتل ڪيس، ڪميشن جوڙڻ تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مقتول صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ ۽ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو.وڪيل شعيب رزاق عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي قائم ڪيل جي آءِ ٽي ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي، ارشد شريف وٽ ڪنهن به ملڪ جي ويزا ناهي.وڪيل شعيب رزاق عدالت ۾ استدعا ڪئي ته ٻين صحافين جي قتل بابت عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.ناليواري صحافي حامد مير عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ 14 ٻين صحافين کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو، ڪو به صحافي حادثي جو شڪار ناهي ٿيو، بم ڌماڪو ٿيو يا گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪالهه ڇا ٿيو، پاڪستان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي، اڃا به نوجوان ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيا آهن، ارشد شريف به پاڪستان جو شهري هو.اظهر صديق چيو ته اسان چئي رهيا آهيون ته ڪميشن جوڙي وڃي ته ارشد شريف ملڪ کان ڇو ٻاهر ويو، ٻن سالن کان ٻڌي رهيو آهيان ته ڪينيا حڪومت سان معاهدو ٿي رهيو آهي.چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته هو جنهن معاهدي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن اهو ڪيترو وقت پورو ٿيندو.ان تي اٽارني جرنل عدالت کي ٻڌايو ته ايم ايل اي جي حوالي سان پرڏيهي آفيس کي ٻڌائي سگهون ٿا، هو ڪينيا جي سفير کي طلب ڪري سگهن ٿا، عدالتي ڪميشن ٺهي ته به ڪينيا نه وڃي سگهيا ۽ اتي ماڻهن کان جاچ ڪندا،بعد ۾ عدالت جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو