اداڪار شهريار منور مڱڻي ٽوڙي ڇڏي،نئين ڪنوار جي تلاش

ڪراچي (ويب نيوز) پاڪستان جي ناليواري اداڪار شهريار منور هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مان پنهنجي مڱڻي ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ هن ڀيري ڇوڪري مان پاڻ پسند ڪري ان سان مڱڻو ڪندس. اداڪار جو چوڻ هو ته مان پنهنجي امڙ کي چيو آهي ته هڪ دفعو توهان جي چوڻ تي مڱڻي ڪئي آهي ۽ توهان ئي ختم ڪرائي آهي ليڪن هن ڀيري گهرواري جو انتخاب مان پاڻ ڪندس واضح رهي ته شهريار منور هلندڙ سال هاله سومرو نالي ڊاڪٽرياڻي سان مڱڻو ڪيو هو پر ان حوالي سان اداڪار ڪنهن به انٽرويو ۾ ان جو ذڪر نه ڪيو هو. ڪيريئر جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ اداڪار جو چوڻ هو ته هن وقت ڪو به نئون پروجيڪٽ سائين ناهي ڪيو پر هو فلمن سان گڏوگڏ ڊرامن جا به اسڪرپٽ پڙهي رهيو آهي ۽ جلد نئين پروجيڪٽ جو اعلان ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو