اداڪار جنيد خان به پنهنجو يوٽيوب چينل لانچ ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جنيد خان جو شمار پاڪستان جي ان فنڪارن ۾ ڪيو ويندو آهي جيڪي ڪيترن ئي صلاحيتن جا حامل هوندا آهن جتان هن پنهنجي ڪيريئر جو آغاز گلوڪاري سان ڪيو پر هو هاڻي هو پاڪستان جي بهترين ادڪارن ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڊرامن ۾ پنهنجي ادڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ جنيد خان هن وقت پنهنجي پهرين فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ هاڻي اداڪار پنهنجو يوٽيوب چينل به لانچ ڪري ڇڏيو آهي. جنيد خان پنهنجي يوٽيوب چينل مداحن سان گڏ وڌيڪ رابطي ۾ رهڻ لاءِ لانچ ڪيو آهي. اداڪار پنهنجو پهريون وڊيو لاگ به رليز ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن مداحن کي پنهنجي فٽنس جو راز به ٻڌايو. ان حوالي سان جنيد خان جو چوڻ هو ته منهنجو هڪ ٻيو يوٽيوب چينل به آهي ليڪن اهو صرف منهنجي ميوزڪ لاءِ آهي اهو چينل مان پنهنجي مداحن سان وڌيڪ رابطي ۾ رهڻ لاءِ ٺاهيو آهي. جنيد خان مطابق ان جي يوٽيوب چينل تي فٽنس، صحت ۽ سٺي لائيف اسٽائيل تي فوڪس ڪيو ويندو. جنيد خان پنهنجي يوٽيوب چينل جو نالو پنهنجي بينڊ سان ملائي ڪال جنيد خان رکيو آهي. واضح رهي ته جنيد خان کان اڳ جويريه سعود ۽ اقرا عزيز جهڙيون اداڪارائون به پنهنجو يوٽيوب چينل لانچ ڪري چڪيون آهن. اداڪاري جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته جنيد خان هن وقت پنهنجي پهرين فلم ڪهي دل جدهر جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي جيڪا اڳئين سال رليز ڪئي ويندي. وجدان پروڊڪشن جي بينر هيٺ ٺهندڙ ان فلم جي هدايات جلال رومي ڏئي رهيو آهي. فلم جي ڪهاڻي ڪامران باري تحرير ڪئي آهي جڏهن ته ان جي ڪاسٽ ۾ منشا پاشا ۽ ساجد حسن به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو