اداڪارا سنبل شاهد ڪورونا سبب فوت ٿي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ادڪارا سنبل شاهد ڪورونا سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي وئي، سندس ڀيڻ بشريٰ انصاري سندس موت جو اعلان ڪندي ڪافي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اداڪارا سنبل شاهد ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. هوءَ ڪورونا سبب هڪ مهيني کان اسپتال ۾ داخل هئي. سندس صحتيابي لاءِ سندس ڀيڻ ڪيترا ڀيرا سوشل ميڊيا تي دعا جي اپيل به ڪئي هئي. سنبل شاهد جو نوجوان پٽ شيرزا ڏيڍ سال اڳ سوات ۾ پيراگلائيڊنگ ڪندي فوت ٿيو هو. جنهن بعد سنبل ڪافي صدمي ۾ رهندي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو