اداڪارائن، ماڊلز ۽ ميڪ اپ آرٽسٽن جي ثنا جاويد تي تنقيد

اداڪارائن، ماڊلز ۽ ميڪ اپ آرٽسٽن جي ثنا جاويد تي تنقيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اداڪارا منال سليم، ماڊل فريحا شيخ ۽ ميڪ اپ آرٽسٽن اڪرام گوهر ۽ ريان ٿامس اداڪارا ثنا جاويد تي سنگين الزام هنيا آهن. شروعات ۾ ماڊل منال سليم انسٽاگرام اسٽوري ۾ ڪنهن به اداڪاره جو نالو وٺڻ کانسواءِ برانڊز کي گذارش ڪئي ته هو کيس ڪنهن به اداڪار سان ڪم ڪرڻ تي مجبور نه ڪن، ڇو ته ڪجهه اداڪارائون ماڊلز کي ٽڪي جي به عزت نٿيون ڏين. هن چيو ته اداڪارا رڳو پاڻ کي بهتر سمجهڻ جي ضد ۾ آهي، تنهن ڪري مستقبل ۾ ڪنهن به اداڪارا سان گڏ ڪم نه ڪنديس. سندس ڪهاڻي شيئر ڪرڻ کانپوءِ ميڪ اپ آرٽسٽ اڪرام گوهر پنهنجي ڪهاڻي شيئر ڪندي لکيو ته کيس خبر آهي ته هوءَ اداڪارا ثنا جاويد بابت ڳالهائي رهي آهي. هن ثنا جاويد کي غير پيشيورانا ۽ خوفناڪ شخصيت به قرار ڏنو. بعد ۾ اڪرام گوهر انسٽاگرام تي ثنا جاويد خلاف هڪ ڊگهي ۽ وسيع پوسٽ ۾ مٿس سنگين الزام هنيا ۽ مٿس پابندي جو به مطالبو ڪيو. اڪرام گوهر پنهنجي پوسٽ ۾ ماڊل منال سليم کي هڪ رحمدل ۽ بهترين شخصيت واري ماڊل ۽ عورت قرار ڏيندي پڇيو ته ثنا جاويد ٿيندي ڪير آهي، جيڪا کيس ٽڪي جي ماڊل سڏي ٿي؟

پهنجو تبصرو موڪليو