اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر جو چوڻ آهي ته سرڪاري ادارا هر سال 500 ارب رپين جو خسارو ٿي رهيا آهن، 80 جي لڳ ڀڳ ادارا منافعي ۾ ٿي سگهن ٿا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر چيو ته سرڪاري ادارن جو خسارو 500 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، منافعي خور ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. شمشاد اختر جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت مالي نقصان جي ازالي لاءِ مدد ڪندي، مالي نقصان جي ازالي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته سرڪاري ادارا خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، 10 منافعي ۽ خساري وارا ادارا لسٽ ڪيا ويا آهن، سرڪاري ادارن جو نقصان حڪومت برداشت ڪري رهي آهي.هنن جو چوڻ آهي ته بورڊ جي ميمبرن کي پگهارن جي سڪيورٽي ڏني ويندي، سي اي او جي مقرري تمام ضروري آهي، ان جو جائزو ورتو ويندو، سرڪاري ادارن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي ويندي، سندن اداري جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي. نگران ناڻي واري وزير چيو ته مختلف وقتن تي سرڪاري ادارن جي تنظيم سازي ڪئي وئي، سرڪاري ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ نااهل ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو. شمشاد اختر جو چوڻ آهي ته ڪا به وزارت سرڪاري کاتن کي ڪا به هدايت جاري نه ڪندي، سرڪاري ڪمپنين لاءِ پهريون ڀيرو ڪابينا ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪميٽي سرڪاري ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندي، 2020 تائين ڪمپنين کي 500 ارب رپين جو نقصان آهي. هن چيو ته ڪجهه سرڪاري ڪمپنين کي 350 ارب رپين جو منافعو آهي، جنهن مان رڳو تيل ۽ گئس جي ڪمپنين کي 185 ارب رپين جو منافعو آهي، سرڪاري ڪمپنين جي خساري جو وڏو سبب ميرٽ کانسواءِ مقرريون آهن، جنهن ڪري ملڪ کي بحران مان نڪرڻو پيو.










