احد رضا مير ۽ سجل عليءَ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) پاڪستاني هدايتڪارن مشهور اداڪار احد رضا مير ۽ اداڪاره سجل عليءَ مٿان ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهو مطالبو ٻنهي اداڪارن پاران ڀارتي پروڊيوسرن جي ويب سيريز ”دهوپ ڪي ديوار“ ۾ ڪم ڪرڻ سبب ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ان سيريز جو هدايتڪار حسيب حسن به پاڪستاني آهي. ويب سيريز تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. پابنديءَ واري معاملي تي ڳالهائيندي پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي اعجاز چوڌريءَ چيو آهي ته انهن فنڪارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي جيڪي موجوده صورتحال باوجود ڀارتي پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو