اترڪوريا پاران بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو

اترڪوريا پاران بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو

پيانگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جپان جي سامونڊي حدن ۾ گھٽ فاصلي تي مار ڪندڙ ٽن بيلسٽڪ مزائلن جو تجربو ڪيو آهي.ڏکڻ ڪوريا جي فوجي ترجمان موجب اتر ڪوريا جي گادي پيانگ يانگ جي ڏکڻ کان اتر سمنڊ طرف 3 ميزائل فائر ڪيا آهن.فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا جا مسلسل ميزائل تجربن بعد سندن سرحدي علائقن جي نگراني کي وڌائي ڇڏيو آهي.ڏکڻ ڪوريا موجب اتر ڪوريا جو مزائل تجربو سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي واضح مخالفت آهي ۽ ڏڦيڙ جو سبب ٿي سگھي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو