اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت پائيدار ترقياتي حدف واري پروگرام ايس اي پي جي تحت قومي اسيمبلي جي حڪومتي بينچن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن کي 43 ارب روپين جا ترقياتي فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن جن جي ذريعي هلندڙ مالي سال 2025-26 ۾ ننڍا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا.ذريعن موجب اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سربراهي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪئي، هر ايم اين اي لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي منظوري ڏني وئي. اهي 43 ارب روپيه، 50 ارب جي انهي پيڪيج جو حصو آهن، جنهن کي آگسٽ ۾ منظور ڪيو ويو هو. ذريعن موجب انهي رقم جو سڀني کان وڏو حصو پنجاب کي مليو آهي، جتي 23.5 ارب روپيه خرچ ڪيا ويندا. جن مان 17.8 ارب پنجاب حڪومت جڏهن ته 2.9 ارب ڏوراهين علائقن ۾ بجلي جي منصوبن لاءِ رکيا ويا آهن.آءِ ايم ايف جي تازي گورننس، ڪرپشن ڊائيگناسٽڪ رپورٽ صوابديدي فنڊز تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اهي فنڊز حڪومتي يا بااثر بيورو ڪريسي جي اثر هيٺ حلقن تائين ئي محدود رهندا آهن جڏهن ته بجيٽ جي نفاذ ۾ شفافيت ۽ پارلياني نگراني محدود آهي.ذريعن موجب سنڌ جي قومي اسيمبلي ميمبرن لاءِ 15.3 ارب روپيه رکيا ويا آهن جن مان 18.9 ارب صوبائي حڪومت ۽ 4.3 ارب پاڪستان انفرااسٽرڪچر ڊوالپمينٽ ڪمپني جي ذريعي خرچ ڪيا ويندا. خيبرپختونخواهه کي صرف 1.3 ارب روپيه مليا آهن، بلوچستان لاءِ 2.3 ارب جاري ڪيا ويا، جڏهن ته وفاقي راڄڌاني جي ٽن تڪن لاءِ 75 ڪروڙ روپيه رکيا ويا آهن.فنڊز جي شفافيت ۽ موثر نگراني جي حوالي سان خدشا برقرار آهن. ڇو ته اهي اسڪيمون معمول جي جانچ پڙتال جي مرحلي مان نٿيون گذرن. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلن کان پوءِ اهي فنڊز ڪابينه دويزن جي ذريعي لاڳاپيل صوبائي ادارن کي منتقل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته پلاننگ ڪميشن پوري رقم هڪ ئي قسط ۾ جاري ڪندو آهي.










