آڊيو ليڪ ڪيس، جواب آرڊ مطابق ناهي،ٻيهر جمع ڪرائڻ جو حڪم

آڊيو ليڪ ڪيس، جواب آرڊ مطابق ناهي،ٻيهر جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم الثاقب جي آڊيو ليڪس واري درخواست تي لکت ۾ ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪيو ويو.جسٽس بابر ستار آڊيو ٽيپس جي قانونيت بابت درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي آڊيو ٽيپ جي قانونيت بابت جواب طلب ڪندي 4 سيپٽمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت وزيراعظم جي سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، بچاءَ واري سيڪريٽري کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.وزيراعظم جو سيڪريٽري ۽ گهرو ۽ بچاءَ واري وزارت جا سيڪريٽري به حلف ناما جمع ڪرائيندا. عدالت حڪم ڏنو ته سيڪريٽريز تفصيلي رپورٽ جي درستگي جو حلف نامو جمع ڪرائين.عدالت اهو به چيو آهي ته 31 مئي جي حڪم نامي ۾ اٿاريل سوالن کي نظر ۾ رکندي جواب جمع ڪرايو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن اٽارني جنرل پيش نه ٿيو ته عدالت کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي.آرڊر ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت پاران اڳ ۾ جمع ڪرايل جواب 31 مئي جي آرڊر جي مطابق ناهي.عدالت وزيراعظم جي سيڪريٽري ۽ بچاءَ ۽ گهرو وزارتن جي سيڪريٽرين کي به 18 آگسٽ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو