سرگوڌا(ويب ڊيسڪ) مشهور مذهبي شخصيت آيت الله عظيم الشان علامه محمد حسين نجفي لاڏاڻو ڪري ويو.علامه محمد حسين نجفي جي وفات جي تصديق سندس خاندان طرفان ڪئي وئي آهي ۽ مرحوم جي جنازي نماز اڄ شام 6 وڳي مدرسي سلطان المدارس ۾ ادا ڪئي ويندي.آيت الله اعظمي علامه محمد حسين نجفي اسلام آباد جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، سندس تعلق سرگوڌا جي هڪ ڳوٺ زاهد ڪالوني سان هو، سندس ولادت 1932ع ۾ پاڪستان ۾ ٿي.علامه محمد حسين نجفي محمد حسين ڍاڪو جي نالي سان مشهور هو، هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن ۾ اخوت الامامة، تفسير فيضان الرحمان شامل آهن.ان کان علاوه مسائل شريعت جو اردو ترجمو وصال الشيعه، شيخ صدوق جي شرعي اردو عقائد به سندس تصنيفات ۾ شامل آهن.علامه مدرسه سلطان مدرسة الاسلاميه ۽ جامعه علميه عقيله بني هاشم جو بنياد رکيو.










