رياض (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن سڀاڻي سعودي عرب جو دورو ڪندو.ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته انتوني بلنڪن غزه ۾ جنگ بندي لاءِ علائقائي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندو.آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي دوري دوران اينٿوني بلنڪن غزه ۾ انساني امداد جي فراهمي تي به ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن پڻ هڪ آزاد فلسطيني رياست لاء ڪم ڪرڻ جي اهميت تي بحث ڪندو، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ چوي ٿو.










