واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن غزه ۾ هوائي جهاز ذريعي امداد ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب جوبائيڊن طرفان اهو اعلان غزه ۾ امدادي قافلي تي فلسطينين تي حملي ۽ جاني نقصان کانپوءِ سامهون آيو آهي.آمريڪي صدر غزه ڏانهن خوراڪ ۽ ٻيو سامان پهچائڻ جو پهريون فوجي هوائي جهاز موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي.جوبائيڊن چيو ته آمريڪي هوائي جهاز اهو ڪم ايندڙ ڏينهن ۾ ڪندا، غزه ۾ اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ آمريڪا ئي ڪندو، غزه ۾ امداد جو تسلسل ڪٿي به پورو ناهي ٿيو.آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته آمريڪا ڪجهه امڪانن تي به غور ڪري رهيو آهي جنهن ۾ سامونڊي ڪوريڊور ٺاهي غزه تائين وڏي تعداد ۾ امدادي سامان پهچايو وڃي.ٻئي طرف وائيٽ هائوس جي ترجمان جان ڪربي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته امداد جي ورهاست ايئر ڊروپس ذريعي ڪئي ويندي، ان حوالي سان پهريون فوجي ايئر ڊراپ تيار ڪيل خوراڪ تي مشتمل هوندو ۽ اهو سلسلو هڪ ڀيرو نه ٿيندو.آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته امداد جي ورهاست ايئر ڊراپ ذريعي ايندڙ ڏينهن ۾ شروع ڪئي ويندي.اردن ۽ فرانس اڳ ۾ ئي غزه کي امداد پهچائي چڪا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب غزه جي پٽي ۾ 5 لک 76 هزار کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا، جن مان هڪ ٽيون آبادي سخت غذائي کوٽ جو شڪار آهي.غزه جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فوج خميس تي امدادي سامان وٺڻ لاءِ ويندڙ فلسطينين تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 100 فلسطيني شهيد ٿي ويا.










